صوف ڀرت جو قسم

صوف ڀرت جو قسم

صوف ڀرت

صوف ڀرت: هي ڀرت جو هڪ قسم آهي. صوفي ڀرت سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ رهندڙ هندو عورتون ڪجهه ڏهاڪا اڳ ڀرينديون هيون، پر هاڻي ڀرت جي نون قسمن اچڻ ۽ مشينن تي ڀرت ڀرڻ واري رواج عام ٿيڻ سبب ڀرت جو هيءُ قسم پنهنجو اوج وڃائي چڪو آهي. ٿر ۾ خاص ڪري راجپوت، سوٽهڙ، ميگهواڙ عورتون گهرن ۾ صوفي ڀرت ڀرينديون هيون. ورهاڱي بعد لڏپلاڻ سبب سنڌ توڙي هند جي ڪيترن علائقن ۾ هن ڀرت جو رواج پيو هو. هن ڀرت ۾ ڪپڙي جي تندن کي مخصوص تعداد ۾ ڳڻي، ڪپڙي جي پٺئين پاسي ڪشيدڪاري ڪئي ويندي آهي. جنهن سان ڪپڙي جو پويون حصو اڀريل نظر ايندو آهي. هي ڪم انتهائي احتياط ۽ صفائيءَ سان ڪيو ويندو آهي. هن ڀرت ۾ نقش نگاريءَ لاءِ جاميٽريءَ جي ڪنڊن جا نمونا استعمال ڪيا ويندا آهن. ڪُشن ڪوَر، رومال ۽ ساڙهيءَ جا بارڊر، ڀتين تي خوبصورتيءَ لاءِ لڳايا ويندڙ شو پِيس وغيره هن ڀرت جي نموني سان ڀريا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو